ڀٽائيءَ جو ثقافتي ورثو

ڀٽائيءَ جو ثقافتي ورثو (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي تعارف ۽ تاريخ تي سهيڙيل آهي، جنهن کي منظور احمد قناصري ترتيب ڏنو. هن ڪتاب ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي روضي جي تاريخ، ڀٽ شاهه سان لاڳاپيل ماڳن، مڪانن، ڪراڙ ڍنڍ، ڀٽ شاهه ۾ موجود مشهور عالمن جي قبرن، ثقافتي مرڪز جي سموري ڪارڪردگيءَ ۽ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ عالمن ۽ سياستدانن جو ذڪر به شامل آهي، جن ۾ سيد ميران محمد شاه، جي. ايم. سيد، طالب الموليٰ، نبي بخش بلوچ، پيرزادي عبدالستار ۽ ٻين جو ذڪر آهي. 189 صفحن تي ٻڌل هن ڪتاب ۾ ڀٽائي صاحب جي روضي، ان جي راڳين ۽ ڪراڙ ڍنڍ جون رنگين تصويرون به شامل آهن. ڪتاب جي قيمت 150 رپيا ڄاڻايل آهي، رنگين ٽائيٽل واري ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب ’ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز‘ ڀٽ شاهه، پاران 2006ع ۾ ڇپايو ويو.


لفظ ڀٽائيءَ جو ثقافتي ورثوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو